جلال الدين سنڌي

جلال الدين سنڌي: هن بزرگ بابت ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ لکيل آهي ته قاضي جلال الدين سنڌي، اڪبر بادشاهه جي دور ۾ قاضي القضاة جي عهدي تي فائز هو. هيءُ حديث جي علم جو وڏو عالم هو. ان کانسواءِ منطق ۽ عقليات ۾ به کيس وڏي دسترس حاصل هئي. هيءُ بزرگ ديانتداري ۽ ايمانداريءَ جي اوصاف سبب گهڻو مشهور هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو